ڄامشورو سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي مان کنڀيل نوجوان آرٽسٽ جو پتو نه پيو، امڙ جي حالت خراب

ڄامشورو:- سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي جي رهواسين شمس الحق چانگ، عبدالفتاح چانگ ۽ ٻين ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب تي پهچي  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جي ڀاءُ عبدالعزيز چانگ کي سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ڄامشورو گھر اڳيان 31 جنوري تي ڪاري ويگو گاڏي ۾ سوار هٿياربند ماڻهو گاڏي ۾زبردستي کنڀي کڻي ويا آهن. جنهن جو هن وقت تائين ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي، پوليس طرفان به ڪا مدد نه  ڪئي پئي وڃي. مختلف جواز ڄاڻائي ڀاءُ جي گمشدگي جي 5 ڏينهن بعد ڪيس داخل ڪيو ويو،جنھن کان پوءِ هن وقت تائين ڀاءُ جو ڪو به ڏس  پتو نه پئجي سگهيو آهي اسان جي ڀاءُ جو ڪنھن به سياسي پارٽي سان ڪا به واسطو نه هو،اسان جو ڀاءُ گھر اندر ڊزائيننگ جو ڪم ڪندو هو، هنن چيو ته اگر اسان جو ڀاءُ ڪنھن به ڏوھ ۾ ملوث آهي يا نه آهي  کيس ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، هنن  چيو ته  ڀاءُ مسلسل گم هجڻ سبب گھر اندر مايوسي ۽ پريشاني وارو ماحول پيدا ٿيل آهي ڀاءُ جي گمشدگي سبب اسان جي پيرسن  امڙ جي طبيعت به مسلسل خراب رهي ٿي، هنن وزيراعلي سنڌ،آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان جي ڀاءُ  عبدالعزيز چانگ  کي فوري طور تي ظاهر ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.