ڄامشورو جي ڳوٺ محمد شهڻو تي پوليس جي اٽالن چڙهائي عورتن مٿان تشدد ڪري نوجوان کي کنڀي وئي

ڄامشورو :- ڄامشورو جي واپڊا گرڊ اسٽيشن لڳ قائم ڳوٺ محمد شهڻو تي ڄامشورو پوليس جي اٽالن چڙهائي ڪندي گهرن تي ڪڙو چاڙهي اندر داخل ٿيا ۽ گهرن ڀاتين کي يرغمال بڻائي گهرن جي تلاشي ورتي.ڳوٺاڻن موجب يرغمال بڻائڻ ۽ گهرن جي تلاشي وٺڻ تي گهرڀاتين مزاحمت ڪئي، جنهن تي اهلڪارن مڇرجي گهر جي عورتن ۽ ٻارڙن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو.ڳوٺاڻن موجب تشدد سبب ڳوٺ جون 4 عورتون خاتون، بيگم، سارا، حليمه ۽ نوجوان مصطفيٰ زخمي ٿي پيا ۽ ڳوٺ ۾ دانهون پئجي ويون جنهن دوران پوليس زخمي مصطفيٰ شهڻو کي کنڀي کڻي وڃي نامعلوم هنڌ تي واڙي ڇڏيو.ڳوٺاڻن پوليس گردي ۽ ظلم خلاف احتجاج ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو آهي. ڳوٺاڻي مير حسن شهڻو فون تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، ڌاڙيلن جيان گهرن ۾ داخل ٿي تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايو آهي.تشدد سبب نوجوان مصطفيٰ سميت 5 عورتون زخمي ٿي پيون، پوليس زخمي مصطفيٰ کي کنڀي وڃي ٿاڻي تي تشدد ڪيو آهي، جتي سندس ٽنگ ڀڄي پئي آهي، جنهن بعد پوليس کيس لڪائي ڇڏيو آهي، ملڻ به نه ٿو ڏنو وڃي، زخمي عورتون بي يارو مددگار پيون آهن.پوليس جي ڪارروائي سبب ڳوٺ ۾ خوف حراس آهي. ايس ايس پي ڄامشورو، ڊي آء جي حيدرآباد سميت اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي انصاف ڪن۔هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڄامشورو ٿاڻي تي نئين مقرر ڪيل ايس ايڇ او قربان قمبراڻي ٻڌايو ته پاورهائوس ڪالوني ۾ ڪجهه ڏينهن سي اي او جتوئي جي گهر ۾ ڌاڙو لڳو هو، ان ڪيس جي سلسلي ۾ ڪارروائي ڪئي آهي، مالڪن سان روبرو ڪرائڻ بعد گرفتار نوجوان کي آزاد ڪري ڇڏيو آھي.