ڀٽ شاه ڀرسان هالا ٿاڻي جي حد ۾ ڀيل برادري ۾ جهيڙو، نوجوان قتل

نيو سعيدآباد ( رپورٽ عبدالواحد عمراڻي):- ڀٽ شاه ڀرسان هالا ٿاڻي جي حد ۾ ڀيل موري وٽ ڀيل برادري جي ٻن ڌرين ۾ رشتي جي ڪنهن ڳاله تان سخت جهيڙو ٿي پيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ آتم ڀيل سندس ئي وڏي ڀاه کي مٿي ۾ لوهي جي راڊ هڻي ڪڍي جنهن جي نتيجي ۾ 45 سالا رام چند ڀيل موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويو ۽ فوتي جو لاش هالا تعلقه اسپتال آندو ويو جڏهن ته اڃان هن واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.