ڀرياسٽي ۾ غربت سبب عورت ٽن ٻارن سميت ڪارو پٿر پي ڇڏيو، حالت ڳڻتي جوڳي

ڀرياسٽي :- ڀرياسٽي ۾ غربت سبب عورت ٽن ٻارن سوڌو زهر پي ڇڏيو، حالت ڳڻتي جوڳي، ياسين ڪالوني ۾ غربت سبب عورت پروين زال ساجد علي چوھاڻ ڪارو پٿر پي پنهنجي ٽن معصوم ٻارن  کي به زهر پياري ڇڏيو، عورت ۽ ٻارن کي ڀريا روڊ اسپتال ۾ آندو ويو، نازڪ حالت سبب چئني کي نوشهرو فيروز اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻارن ۾ 6 سالن جي مهرين، 7 سالن جو محسن ۽ 3 سالن جو معين شامل آهن، عورت پروين ۽ هڪ ٻارڙي جي حالت نازڪ هجڻ سبب کين نواب شاهه جي پي ايم يو اسپتال منتقل ڪيو ويو، علائقي واسين موجب زهر پيئندڙ عورت جو مڙس ڀريا روڊ ۾ فروٽ جو گاڏو هلائيندو آهي، عورت غربت سبب اهڙو قدم کنيو آهي.