ڀاڄين ۽ فروٽن کي ڪچو کائڻ سان ڊپريشن مان نجات ملي سگهي ٿي

نيوزيلينڊ :- ڪيترين ئي ڀاڄين ۽ فروٽن کي ڪچو کائڻ سان وڌيڪ ڪيترائي فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا. ان حوالي سان تازي خبر اها آئي آهي ته ان کي معمول بنائڻ سان ڊپريشن مان ڇوٽڪارو حاصل ٿيندو آهي ۽ اوهان جو موڊ به بهتر رهندو آهي.

نفسيات جي ماهرن موجب دوستن ۾ وقت گذارڻ، ورزش ۽ پنڌ هلڻ سان به ذهني دٻاءُ گهٽ ٿيندو آهي پر هاڻ نيوزيلينڊ ۾ يونيورسٽي آف اوٽاگو جي ماهرن چيو آهي ته پالڪ، گجر، موري، صوف، سلاد، گوبي ۽ ناشپتي وغيره ڪچي کائڻ سان دماغي صحت بهتر رهندي آهي ڇو ته پچائڻ يا ان کي مربي وغيره ۾ محفوظ ڪرڻ سان صنعتي عمل(پروسيسنگ) ۾ ان جا وٽامن گهٽ  ٿي ويندا آهن.

ان حوالي سان سائنسدانن آمريڪا ۽ نيوزيلينڊ ۾ 400  بالغ ماڻهن جو سروي ڪيو جنهن جا بهتر نتيجا سامهون آيا. پر هن سروي سان اها ڳالهه به خبر پئي ته جيڪڏهن ڏينهن ۾ وقفي وقفي سان پنج ڀيرا ڪچو فروٽ ۽ ڀاڄيون استعمال ڪيون وڃن ته ان سان دماغي مرض ٿيڻ جا  امڪان به گهٽ ٿي ويندا آهن. اوهان جو مزاج بهتر ٿي ويندو آهي ۽ ڊپريشن ۾ به گهٽتائي اچي ويندي آهي.