ڀاشا ڊيم جو اڏاوتي ڪم مقرر مدي ۾ پورو ٿيندو: واپڊا چيئرمين

Lt. Gen. (Retd) Muzammil Hussain, Chairman of the Water and Power Development Authority (WAPDA) gestures during an interview with Reuters at his office in Islamabad, Pakistan August 19, 2019. REUTERS/Saiyna Bashir

اسلام آباد :- واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين چيو آهي ته ديامر ڀاشا ڊيم جو تعميراتي ڪم مقرر مدي ۾ مڪمل ٿيندو، زمين حاصل ڪرڻ ۽ بحالي جا معاملا آخري مرحلن ۾ آهن. هتي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته بحالي جي عمل تحت ڪيترن ئي ماڻهن کي چلاس ۾ نوئي ڳوٺ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته جيڪي ماڻهو ان ڳوٺ ۾ منتقل ناهن ٿيا انهن کي معاوضو ادا ڪيو ويندو. هن چيو ته ڊيم جي تعمير لاءِ فنڊز جو انتظام ڪيو ويو آهي ۽ زمين جي خريداري جو عمل به مڪمل ٿي چڪو آهي. هن چيو ته اهو ڊيم پاڻي جي گهٽتائي جي مسئلي تي ضابطو آڻڻ ۽ بجلي جي پيداوار ۾ اضافي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو.