ڀارت ۾ هڪ شخص سان شادي ڪندڙ ٽن ڀينرن جي ڪڙوا چوٿ جون تصويرون وائرل

ممبئي (دلچسپ دنيا) شادي هڪ خوبصورت ٻنڌڻ آهي جيڪو هر مذهب ۾ نڀايو وڃي ٿو. اسلام ۾ زال لاءِمڙس وڌيڪ ذميواري ۽ حق ادا ڪرڻ جو پابند آهي ۽ زال کي به پنهنجي مڙس جي خدمت جي تاڪيد ڪئي وئي آهي. اسلام ۾ چار شاديون جائز آهن پر جيڪڏهن مڙس انصاف ڪري سگهي ٿو ته، پر ٻن سڳين ڀيڻن سان هڪ شخص گڏ نٿو رهي سگهي اهو تڏهن ئي ممڪن هوندو جڏهن ٻنهي مان هڪ فوت ٿي چڪي هجي ۽ طلاق ٿيڻ کانپوءِ سندس ڀيڻ سان نڪاح ڪيو وڃي پر ٻين مذهبن ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ناهي. گذريل ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي هڪ خبر وائرل ٿي آهي ته 3 هندو ڀينرون هڪ ئي شخص سان جون زالون آهن ۽ کين اولاد پڻ آهي. خبر پڙهي هر ماڻهو حيران ٿي ويو. اهڙي شادي کانپوءِ چنڊ ڏسڻ جي هڪ تصوير پڻ وائرل ٿي آهي جنهن ۾ ٽنهي نارين کي ڪڙوا چوٿ جو ڏڻ ملهائيندي ڏسي سگهجي ٿو.