ڀارت ۾ نوجوان هڪ ڇوڪريءَ جي خاندان مٿان تيزاب هاري ڇڏيو

پٽنه :-  هندستان ۾ ڇوڪريءَ کي هراسان ڪرڻ کان منع ڪرڻ تي ملزم حملو ڪري سڄي خاندان تي تيزاب هاري ساڙي ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا مطابق بهار رياست جي گاديءَ واري هنڌ پٽنه ۾ هڪ هندو ڇوڪريءَ کي مقامي ڪاليج ۾ ڪجهه ڇوڪرن هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي ڪجهه ماڻهن کين منع ڪيو پر ڇوڪرن جي منع نه ٿيڻ تي انهن ماڻهن پوليس کي رپورٽ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، جنهن تي اوباش ڇوڪرن ڇوڪريءَ جي خاندان کان بدلو وٺڻ لاءِ ڇوڪريءَ جي گهر جي 20 گهر ڀاتين تي تيزاب جي بوتلن سان حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ 16 ڄڻا سڙي زخمي ٿيا آهن. زخمي ٿيلن کي طبي امداد لاءِ حاجي پوره جي سرڪاري اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو آهي جتي 8 ڄڻن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻُڌائي پئي وڃي.