ڀارت پاران مودي جي جهاز کي پاڪستاني هوائي حدون استعمال ڪرڻ جي درخواست

نئين دلي: – ڀارتي حڪومت وزيراعظم نريندر مودي جي جهاز کي پاڪستاني هوائي حدون استعمال ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي.

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاڪستاني هوائي حدون استعمال ڪري آمريڪا وڃڻ جو خواهشمند آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڀارتي حڪومت طرفان پاڪستاني حڪومت کان درخواست ڪئي وئي آهي ته نريندر مودي جي جهاز کي پاڪستان جون هوائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.

سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت طرفان درخواست باضابطه طور تي گذريله فتي ڏني وئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نريندر مودي 20 سيپٽمبر تي پاڪستاني هوائي حدن مان گذري آمريڪا وڃڻ چاهي ٿو ان ڪري پاڪستان جون هوائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.