ڀارت طرفان والاريل ڄمون ڪشمير ۾ کنيل قدم امن امان خراب ڪرڻ جي برابر آهي: شاهه محمود قريشي

جده :-  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت طرفان والاريل ڄمون ڪشمير ۾ کنيل قدم ڏکڻ ايشيا ۾ امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪرڻ جي برابر آهن.سعودي عرب ۾ او آءِ سي جي ڄمون ڪشمير بابت رابطا ڪميٽي جو هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سعودي عرب، پاڪستان، آذربائيجان، ترڪي ۽ نائيجيريا کان ڪميٽي جا نمائندا شريڪ ٿيا، جڏهن ته پاڪستاني وفد جي اڳواڻي شاهه محمود قريشي ڪئي.او آءِ سي ڪانٽيڪٽ گروپ جي اجلاس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هٿان 1998ع کان هيل هڪ لک ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن، 22  هزار کان وڌيڪ عورتون بيواهه، هڪ لک 8 هزار ٻار يتيم ٿيا، 12 هزارن کان وڌيڪ عورتن جي بي حرمتي ڪئي وئي ۽ هاڻ ڪشمير جي خاص حيثيت به کسي وئي آهي.هن چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارت طرفان واڌو فورس موڪلڻ، تعليمي ادارا بند ڪرائڻ ۽ ايمرجنسي جي ڪيفيت ڀارت جي ارادن جو پتو ڏئي رهي آهي، ڀارت طرفان لوڪ سڀا جو اجلاس گھرائي والاريل ڪشمير جي آئيني حيثيت مقرر ڪندڙ آرٽيڪل ۽ 35 اي جو خاتمو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي.سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڀارت جي قدمن کي نظر ۾ رکندي خطرو ماپيو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، او آءِ سي جنرل سيڪريٽري کي خدشن بابت آگاهه ڪري ڇڏيو، ڀارت طرفان والاريل ڄمون ڪشمير ۾ کنيل قدم ڏکڻ ايشيا ۾ امن امان جي خراب صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪرڻ جي برابر آهن، جنهن تي سڄي دنيا خاص ڪري او آءِ سي کي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.