ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم من موهن سنگهه پاران پاڪستان اچڻ جو اعلان

نئين دهلي :- ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم من موهن سنگهه ڪرتاپورراهداري جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت واري دعوت قبولي ورتي آهي.

ڀارتي پنجاب جي وڏي وزير امريندر سنگهه جي ترجمان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته من موهن سنگهه امريندر سنگهه طرفان ڏنل دعوت تي ڪرتاپور گردوارا ۽ سلطان پور لوڌي جي تقريب ۾ شرڪت تي راضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب من موهن سنگهه 9 نومبر تي پهرين جٿي ۾ پاڪستان پهچندو جڏهن ته سندس دورو ڀارتي حڪومت جي منظوري سان جڙيل هوندو.

ياد رهي ته پرڏيهي وزير شاهه محمودقريشي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو هو ته ڪرتاپوراهداري جي افتتاحي تقريب ۾ ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم من موهن سنگهه کي لکت ۾ دعوت نامو موڪلينداسين.