ڀارت جي اسپتال کي باهه، آءِ سي يو ۾ داخل ڪورونا جا 13 مريض فوت

ممبئي:= ڀارتي رياست مهاراشٽرا جي هڪ اسپتال ۾ باهه سبب انتهائي نگهداشت يونٽ (آءِ سي يو) ۾ داخل ڪورونا جا 13 مريض فوت ٿي ويا.ڀارتي ميڊيا موجب ممبئي کان 70 ڪلو ميٽر پري موجود علائقي ورار جي وجي ولڀ اسپتال ۾ اڄ صبح جنهن وقت باهه جو واقعو پيش آيو ته اُتي 90 مريض علاج هيٺ هئا.ميڊيا رپورٽس موجب باهه لڳڻ سبب آءِ سي يو ۾ داخل ڪورونا جا گهٽ ۾ گهٽ 13 مريض فوت ٿي ويا جڏهن ته ٻين مريضن کي اسپتال جي عملي فوري طور تي ٻي اسپتال ۾ منتقل ڪري ڇڏيو