ٿر جي ڪوئلي مان صوبي کي بجلي فراهميءَ ۾ وفاق رنڊڪ قرار

ڪراچي :- سنڌ سرڪار وفاق جي بجلي چوري الزامن کي رد ڪندي ٿر جي ڪوئلي مان صوبي کي بجليءَ جي فراهميءَ ۾ به وفاقي سرڪار رنڊڪ قرار ڏنو آهي. توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ 10 کان 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ وفاق جي مرضيءَ سان ڪئي پئي وڃي، وفاقي سرڪار نااهلي  لڪائڻ لاءِ بجلي چوريءَ جا الزام هڻي رهي آهي، ووٽ نه ڏيڻ تي بجلي بند رکي عوام کان پلاند ورتو پيو وڃي، لوڊشيڊنگ مان ڇوٽڪاري تائين هو خاموش نه ويهندا