ٿرڪول بلاڪ ون جي متاثرن کي گهرن بدران روڪ رقم ۽ بنيادي سهولتون ملنديون: ڪمپني سان ڳالهيون ڪامياب

اسلام ڪوٽ:- ٿرڪول بلاڪ ون جي متاثر ٿيندڙ ڳوٺ وروائي واسين ۽ ڪمپني وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب،ڳوٺاڻن پاران گهر وٺڻ بدران روڪ رقم وٺڻ جو 10 فيصلو،ڌرين وچ ۾ ايگريمينٽ پڻ ٿي ويئي،روزگار سميت سموريون بنيادي سهولتون ڪمپني ڏيڻ جي پابند هوندي. تفصيل موجب:ٿرڪول بلاڪ ون ۾ ڪوئلي جي کوٽائي وارو عمل شروع ٿي ويو آهي جڏهن ته کوٽائي سبب سڀ کان پهرئين متاثر ٿيندڙ تاريخي ڳوٺ وروائي واسين پاران ڪمپني کان نوان گهر وٺڻ بجاء گهرن جا پئسا وٺي لڏپلاڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن ڳوٺ جي مختلف برادرين سان تعلق رکندڙ رهواسين ۽ ڪول تي ڪم ڪندڙ ڪمپني سائينو سنڌ جي انتظاميه وچ ۾ ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ متاثر ٿيندڙن جي اڪثريت فيصلو ڪيو ته ڪمپني کان گهر يا ماڊل وليج وٺڻ بجاء في گهر جي حساب سان روڪ رقم،روزگار ۽ سموريون بنيادي سهولتون ورتيون وڃن ڳوٺاڻن جي اهڙي فيصلي بعد ڪمپني ۽ ڳوٺاڻي ڪميٽي وچ ۾ هڪ ايگريمينٽ ڪئي ويئي جنهن ۾ ڪمپني طرفان متاثر في گهر کي 4250000 ساڍا ٻائيتاليھ لک روپيه روڪ رقم شادي شده جوڙي کي ڏنا ويندا ۽ هر گهر کي اهليت جي بنياد تي ٻه نوڪريون،پاڻي،بجلي،تعليم،صحت سميت سموريون بنيادي سهولتون مهيا ڪيون وينديون ان سلسلي ۾  ڳوٺاڻي ڪميٽي جي اڳواڻن سهراب راهمون ۽ وريام لنجو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٿرڪول بلاڪ ون جو ڪم شروع ٿيڻ بعد سڀ کان اول اسان جو ڳوٺ وروائي متاثر ٿيڻ ڪري لڏپلاڻ ٿيڻي هئي انهي لاء ڳوٺاڻن،انتظاميه ۽ ڪمپني وچ ۾ لڏپلاڻ جي صورت ۾ مستقبل بابت ڳالهيون هلندڙ هيون پر اسان ڳوٺاڻن پاڻ ۾ گڏجاڻيون ڪري اڪثريتي راء سان اهو طئه ڪيو ته ڪمپني کان گهر وٺڻ بجاء روڪ رقم ۽ ٻيون سهولتون وٺي پنهنجي مرضي ۽ آزادي سان رهنداسين اهڙي فيصلي بعد گذريل ڏينهن ڪم ڪندڙ ڪمپني سائينو سنڌ جي سي او ۽ ڳوٺاڻن جي ٺاهيل ڪميٽي وچ ۾ گڏجاڻي ٿي جتي ڳوٺاڻن پنهنجو فيصلو ٻُڌايو جنهن بعد ڪمپني پڻ ڳوٺاڻن جي فيصلي تي راضي ٿي ويئي ۽ ٻنهي ڌُرين وچ ۾ هڪ ايگريمينٽ لکاوت جي صورت ۾ ٿي ويئي آهي جنهن ۾ ڳوٺ جي ٽوٽل شروعاتي مرحلي ۾ ٺاهيل لسٽ مطابق 380 متاثر گهرن جي خاندانن کي في گهر 4250000 روپيا ڏنا ويندا ۽ في گهر ۾ ٻه نوڪريون اهليت جي بنياد تي ملنديون ۽ باقي زندگي جون سموريون بنيادي سهولتون ملنديون،هن چيو ته اهو به طئه ڪيو ويو آهي ته ڳوٺاڻا پئسا وٺڻ بعد پنهنجي مرضي مطابق جتي به آزادي سان رهندا ڪمپني اتي اهي سهولتون ڏيڻ لاء ذميوار هوندي،هن چيو ايگريمينٽ ۾ اهو طئه ڪيو ويو آهي ته ڪمپني قبرستان سان هٿ چراند نه ڪندي ۽ ڳوٺ ۾ موجود گهر ڳوٺاڻا ڊاهي مٽيرل کڻي ويندا جنهن جو ڀاڙو خرچ ڪمپني ڏيندي جڏهن ته چوپائي مال لاء ڇڏيل ڳئوچر زمين بابت فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو.هوڏانهن رابطي تي مختيارڪار غفار لاکير ٻُڌايو ته ڳوٺاڻن جي ڪميٽي ۽ ڪمپني وچ ۾ ايگريمينٽ ٿي ويئي آهي جنهن ۾ في گهر کي ساڍا ٻائيتاليھ لک روپيه ملندا ۽ باقي سهولتون ملنديون هن چيو ته فيصلي بعد پروپوزل تيار ڪيو پيو وڃي ڪجھ ڏينهن بعد ڳوٺاڻن کي پئسا ملڻ شروع ٿي ويندا.