ٿائيلينڊ ۾ فوجي اهلڪار آپي مان نڪري ويو، برسٽ هڻي 20 ڄڻا ماري ڇڏيا

بينڪاڪ :- بئنڪاڪ: ٿائيلينڊ ۾ هڪ فوجي اهلڪار شهرين تي انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. فوجي اهلڪار جڪراپنٿ ٿوما ٻڌمت مذهب جي عبادتگاهه ۽ شاپنگ مال کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. پوليس موجب فوجي اهلڪار ٿائيلينڊ جي شهر ناکون راتچا سيما ۾ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ايستائين 20 ڄڻن جي مارجڻ جا اطلاع آهن. ٿائيلينڊ جي بچاءُ واري وزارت جي ترجمان برطانوي نشرياتي اداري کي ٻڌايو ته جڪراپنٿ ٿوما فوج ۾ جونيئر آفيسر آهي ۽ ان ملٽري ڪئمپ ۾ پهرين پنهنجي ڪمانڊنگ آفيسر کي قتل ڪيو ۽ پوءِ اتان هٿيار کڻي فرار ٿي ويو. ڪئمپ مان فرار ٿيڻ کانپوءِ هو شهر جي مرڪزي علائقي پهتو ۽ هڪ شاپنگ ڪامپليڪس ۾ داخل ٿي انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني. حملو ڪندڙ رستي ۾ ايندڙ ٻڌمت مذهب جي عبادتگاهه تي به گوليون وسايون. مقامي ميڊيا فوٽيجز ۾ ڄاڻايل شخص کي ضلعي موانگ ۾ قائم شاپنگ مال جي سامهون گاڏي مان نڪرندي ڏسي سگهجي ٿو، جنهن کانپوءِ ان ماڻهن تي فائرنگ ڪري ڏني، جڏهن ته ٻئي طرف فوٽيجز ۾ بلڊنگ جي اندر باهه به ڏٺي وئي. اختيارين طرفان شاپنگ مال ۾ داخل ٿيندڙ ۽ ٻاهر نڪرندڙ رستن کي سيل ڪيو ويو آهي، ڇو ته حملو ڪندڙ شخص اڃا تائين ڪامپليڪس ۾ موجود آهي، جڏهن ته پوليس شهرين کي گهرن کان ٻاهر نه نڪرڻ جي به تاڪيد ڪئي آهي. ٿائي پوليس جو چوڻ آهي ته في الحال اهو معلوم ناهي ٿي سگهيو ته حملي ڪندڙ جو مقصد ڪهڙو آهي. فوجي اهلڪار حملي دوران پنهنجي فيس بُڪ اڪائونٽ مان پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن پُڇيو ته ڇا ان کي پنهنجي گرفتاري ڏيڻ گهرجي؟ ان کان اڳ جوابدار پنهنجي اڪائونٽ مان پستول سان گڏ ٽن گولين جي تصوير به شيئر ڪئي هئي ۽ لکيو هو ته اهو پرجوش ٿيڻ جو وقت آهي. فيس بُڪ هاڻ ان جو اڪائونٽ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي. پوليس حملو ڪندڙ جي ماءُ کي به شاپنگ سينٽر گهرائي ورتو آهي ته جئين ان کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي راضي ڪري سگهجي. آخري اطلاعن موجب حملو ڪندڙ شاپنگ سينٽر جي اندر ئي موجود هئڻ جو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان کي قابو ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف هئا….