پ پ ۽ ن ليگ مولانا فضل الرحمان ذريعي مدرسن جي معصوم ۽ غير سياسي ٻارن کي سياسي مفادن جو ٻارڻ بڻائڻ چاهين ٿيون

اسلام آباد :- اطلاعات بابت وزيراعظم جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي مولانا فضل الرحمان سان سياست ڪري رهيون آهن.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ لکيو ته اپوزيشن جي سياست منافقت جو مثال بڻجي چڪي آهي، ن ليگ ۽ پ پ فضل الرحمان سان مسلسل سياست ڪري رهيون آهن، ٻئي پارٽيون مولانا صاحب سان گڏ بيهڻ جو خطرو به نه ٿيون کڻن، جيڪي هڪٻئي سان سچ نٿا ڳالهائن، اهي عوام سان ڪهڙو سچ        هن چيو ته پ پ ۽ ن ليگ مولانا فضل الرحمان ذريعي مدرسن جي معصوم ۽ غير سياسي ٻارن کي سياسي مفادن جو ٻارڻ بڻائڻ چاهين ٿيون، جيڪو افسوسناڪ آهي، ٻئي پارٽيون جي يو آءِ (ف) جي سربراهه کي ذاتي مفادن جي ور چاڙهڻ چاهين ٿيون، مولانا فضل الرحمان انهن جا ارادا ڄاڻي، انهن جي گڏيل نااتفاقي ثبوت آهي ته اهي پنهنجي سياسي مفادن ۾ رڳو مولانا فضل الرحمان جي ڪلهن کي استعمال ڪرڻ چاهين ٿيون.

سندس چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان کي عوام طرفان موٽ تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن هو پنهنجو آواز مظلوم ڪشميرين جي حق ۾ بلند ڪندو، ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين طور پروٽوڪول ۽ مراعتن جو قرض ادا ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، پنهنجي لفظن جي تيرن جو رُخ مودي ڏانهن موڙي ڇڏيو.