پ پ کي پنهنجي ئي گهر لاڙڪاڻي ۾ ٻيهر شڪست، پي ايس 11 تي معظم عباسي ميدان ماري ورتو

لاڙڪاڻو :- پ پ کي پنهنجي ئي گهر لاڙڪاڻي ۾ ٻيهر شڪست، پي ايس 11 تي معظم عباسي ميدان ماري ورتو، ڪارڪنن جو جشن‏، مٺايون ورهايون ويون. خبر موجب اليڪشن ڪميشن طرفان پي ايس 11 تي ننڍي چونڊ جو عمل صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهيو، ننڍي چونڊ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار جميل احمد سومرو ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي اميدوار ۽ اڳوڻي ايم پي اي معظم علي عباسي وچ ۾ زبردست مقابلو ڏسڻو ۾ آيو. اليڪشن ڪميشن طرفان پي ايس لاڙڪاڻو ٽو تي ننڍي چونڊ لاءِ مجموعي طور تي 138 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون. جڏهن ته تڪ جي 20 پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس، 50 پولنگ اسٽيشنن کي حساس قرار ۽ 68 پولنگ اسٽيشنن کي نارمل قرار ڏنو ويو هو. هوڏانهن اليڪشن ڪميشن طرفان حساس پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳائڻ سان گڏ سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪندي سمورين پولنگ اسٽيشنن جي اندر پاڪ فوج جا جوان مقرر ڪيا ويا هئا، جڏهن ته رينجرس سان گڏ کان 2600 پوليس اهلڪارن پڻ ڊيوٽيون سرانجام ڏنيون. ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار جميل احمد سومرو ننڍي چونڊ لاءِ غالب نگر ۾ قائم پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ آفيس واري پولنگ اسٽيشن نمبر 107 تي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. هوڏانهن پي ايس 11 جي ڊي اي اميدوار معظم علي عباسي وليد محلا جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول پولنگ نمبر 27 تي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. پاڪستان پيپلز پارٽي ورڪرز جي سربراهه ۽ اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر علي عباسي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ۾ قائم پولنگ اسٽيشن نمبر 27 تي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. پيپلز پارٽي جي ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو پي ايس 11 پولنگ واري ڏينهن تي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪوثر مل ڊومڪي محلا ۾ قائم پولنگ اسٽيشن نمبر 86 ٻاهران ڪار تي سوار ٿي پهتو جتي پيپلز پارٽي مخالف ڪارڪنن سندس جي گاڏيءَ جو گهيراءُ ڪري کيس لهڻ نه ڏنو. جتي پ پ پ ۽ جي يو آءِ ڪارڪنن وچ ۾ منهن ماري ٿي پئي جنهن بعد خورشيد احمد جوڻيجو گاڏي مان لهڻ بغير روانو ٿي ويو. هوڏانهن اهڙي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي نشر ٿيڻ بعد پي ايس 11 جي ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر سيد نديم حيدر ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ کي ليٽر لکي پيپلز پارٽي جي ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، ايم پي اي برحان چانڊيو ۽ ڊپٽي ميئر ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو انور علي نواز لُهر کي تڪ مان ٻاهر نيڪالي ڏيڻ جي هدايت ڪئي. ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو ته پيپلز پارٽي جا اسيمبلي ميمبر ۽ ڊپٽي ميئر لاڙڪاڻو انور علي پولنگ عمل ۾ رخنو وجهي رهيا آهن. ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، ايم پي اي برهان چانڊيو ۽ انور علي نواز لُهر قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندي پولنگ اسٽيشنن جو ريلي جي صورت ۾ دورو ڪيو جنهن ڪري کين پولنگ عمل مڪمل ٿيڻ تائين پي ايس 11 واري تڪ تان نيڪالي ڏني وڃي.پي ايس 11 جي ننڍي چونڊ دوران شهر جي ايمپائر روڊ واري علائقي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جا جيالا ۽ جي ڊي اي جا حمايت هڪٻئي کي هٿئين پئجي ويا جن الرون ڪري هڪٻئي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. اهڙي صورتحال کي ڏسندي وڏي تعداد ۾ علائقي واسي، واپاري ۽ دڪاندار پهچي ويا جن ٻنهي ڌرين جي ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان جي باوجود ڪارڪن هڪٻئي خلاف نعريبازي ڪندي نظر آيا. هوڏانهن پوليس پهچي ٻنهي ڌرين جي ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪري معاملي کي حل ڪري ڇڏيو. سمورين 138 پولنگ اسٽيشنز جا غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا سامهون اچي ويا، جي ڊي اي جي معظم علي عباسي 31557 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي، جڏهن ته پ پ جي جميل احمد سومري کي 26021 ووٽ مليا. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب نذر پاڙي ۾ پولنگ اسٽيشن 78 تي پ پ اُميدوار جميل سومرو کي 324 ۽ جي ڊي اي اُميدوار معظم عباسي 129 ووٽ کڻي اڳتي رهيو. نيو نذر پاڙي جي پولنگ اسٽيشن تي پ پ جي جميل سومرو کي 232 ۽ جي ڊي اي اُميدوار معظم عباسي کي 223 ووٽ مليا. واپڊا ڪالوني پولنگ اسٽيشن 5 تي جميل سومرو کي 187 ۽ معظم عباسي کي 116 ووٽ مليا. او پي ايف ڪالوني پولنگ اسٽيشن 82 (عورت) تي پ پ اُميدوار 278 ووٽ کنيا، جڏهن ته جي ڊي اي اُميدوار کي 72 ووٽ ملي سگهيا. پولنگ اسٽيشن 2 تي جميل سومرو 511 ووٽ حاصل ڪيا ۽ معظم عباسي کي 245 ووٽ مليا. پولنگ اسٽيشن پرائمري اسڪول شاهو ٻوراهو ميل تي پ پ اُميدوار کي 232 ۽ جي ڊي اميدوار کي 132 ووٽ مليا. پولنگ اسٽيشن شيخ زيد ڪالوني هاءِ اسڪول تي جي ڊي اي اُميدوار معظم عباسي 194 ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته پ پ جي جميل سومرو کي 61 ووٽ مليا، يوسي 8 ۾ پولنگ اسٽيشن 75 تي جميل سومرو 202 ووٽ حاصل ڪيا ۽ معظم عباسي 136 ووٽ حاصل ڪيا. پولنگ اسٽيشن 11 يو سي 7 ۾ پ پ اُميدوار جميل سومرو 270 ۽ جي ڊي اي جي معظم عباسي کي 173 ووٽ مليا. يو سي 9 جي پولنگ اسٽيشن 46 تي پ پ جي جميل سومرو کي 157 ۽ جي ڊي اي جي معظم عباسي کي 143 ووٽ مليا. پولنگ اسٽيشن 12 (عورت) شيخ زيد ۾ جميل سومرو 77 ۽ معظم عباسي 211 ووٽ حاصل ڪيا. پولنگ اسٽيشن 85 سوشل ويلفيئر تي پ پ اُميدوار کي 621 ۽ جي ڊي اي اُميدوار کي 213 ووٽ مليا. پولنگ اسٽيشن 125 بهارپور (عورت) تي جميل سومرو 130 ۽ معظم عباسي 160 ووٽ حاصل ڪيا. پولنگ اسٽيشن 164 بهارپور (مرد) تي پ پ 164 ۽ جي ڊي اي 259 ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته پولنگ اسٽيشن 39 ايگريڪلچر ڪالوني ۾ جميل سومرو 209 ۽ معظم عباسي 200 ووٽ حاصل ڪيا. پولنگ اسٽيشن نمبر 126 تي پ پ اُميدوار 164 ۽ جي ڊي اي اُميدوار 190 ووٽ کنيا. ڊي سي اسڪول واري پولنگ اسٽيشن تي پ پ اميدوار 164 ۽ جي ڊي اي اميدوار 259 ووٽ کنيا، پولنگ اسٽيشن 107 پبلڪ آفيس تي جميل سومري 352 ۽ معظم عباسي 248 ووٽ ماڻيا. پولنگ اسٽيشن 112 مدينا ڪالوني تي جي ڊي اي 270 ۽ پ پ 166 ووٽ حاصل ڪيا. پولنگ اسٽيشن نمبر 96 تي پ پ اميدوار 260 ۽ جي ڊي اي اميدوار 357 ووٽ حاصل ڪيا.