پ پ سينيٽر رضا رباني صدر سوڌو موجوده حڪومت کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد :- پ پ سينيٽر رضا رباني صدر سوڌو موجوده حڪومت کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، رضا رباني چيو آهي ته ايئن پيو لڳي ته ادارن کي هڪ شخص جي ماتحت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، حڪومت آئين کان مٿانهان ڪم ڪري رهي آهي، صدر عارف علوي آئين جي پاسداري ۾ ناڪام ٿي ويو ۽ ايوانِ صدر کي آرڊيننس فيڪٽري ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، پارليامينٽ کي بي توقير ڪري آرڊيننس ذريعي قانونسازي ڪئي وڃي ٿي، هن وقت ملڪ ۾ ڪوبه سسٽم موجود نه آهي ۽ صوبن جي اختيارن تي راتاهو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس ۾ واضح چيل آهي ته صدر پنهنجون آئيني ذميواريون پوريون نه ڪيون آهن، صدر آزاد عدليه تي حملو ۽ عدليه جي ساک کي ڇيهو رسائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي، آئين جي ڀڃڪڙي تي صدر کي رضاڪاراڻي طور استيعفيٰ ڏيڻ گهرجي