پ پ جو 18هين ترميم ۽ ٻين معاملن تي اي پي سي گهرائڻ جو اعلان

ڪراچي :-  پ پ 18هين ترميم، اين ايف سي، ماڪڙ ۽ ڪورونا معاملي تي وفاقي حڪومت جي ڪردار تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي هلندڙ هفتي ڪراچي ۾ اي پي سي سڏائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب اي پي سي جي سلسلي ۾ ن ليگ، جماعت اسلامي، جمعيت علماءِ اسلام (ف)، جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان، اي اين پي، نيشنل پارٽي، پختونخواهه عوامي ملي پارٽي سميت ٻين سياسي جماعتن جي اڳواڻن سان رابطا ٿيا آهن. سندس چوڻ هو ته سنڌ سان واسطو رکندڙ سياسي جماعتن جي اڳواڻن اياز لطيف پليجي ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي سان به فون تي رابطو ٿيو آهي ۽ سڀني اڳواڻن کي اي پي سي جي معاملي تي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي. ترجمان چيو آهي ته سياسي جماعتن جي اڳواڻن ۽ قوم پرست اڳواڻن کي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ باضابطا طور دعوت ناما موڪليا ويندا.