پ پ جو سينئر اڳواڻ علي مردان شاهه لاڏاڻو ڪري ويو، سنڌ ۾ اڄ سوڳ

عمرڪوٽ :- عمرڪوٽ جو سينئر سياستدان پ پ جو اڳوڻو صوبائي وزير ايم پي اي سيد علي مردان شاھ دل جو دورو سبب فوت، اچانڪ لاڏاڻي جي خبر تي سڄي ضلعي ۾ سوڳ جي لھر ڇائنجي ويئي، ننڍا وڏا شھر بند، ھزارين ماڻھو اباڻي ڳوٺ پُھتا، جنازي نماز ۽ تدفين وارين رسمن ۾ ھزارين ماڻھو شريڪ، ھر آلي، ماحول سوڳوار تفصيلي رپورٽ موجب پ پ جو عمرڪوٽ مان چونڊيل ايم پي اي اڳوڻو صوبائي وزير ۽ ضلعي صدر، ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ جي چيئرمين ڊاڪٽر سيد نور علي شاھ جو وڏو ڀاءُ صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ جو مامو سيد حاجي علي مردان شاھ 63 سالن جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب پنھنجي اباڻي ڳوٺ کاروڙو سيد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو سيد علي مردان شاھ عمرڪوٽ ۾ ھلندڙ والي بال ٽورنامينٽ ۾ مھمان خاص طور شريڪ ٿيڻ لاء پنھنجي ڳوٺ کان روانو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو ته اچانڪ کيس دل جو دورو پيو ۽ لاڏاڻو ڪري ويو سندس وفات واري خبر پوڻ تي سڄي عمرڪوٽ ضلعي ۾ ڏک جي لھر ڇائينجي ويئي عمرڪوٽ شھر سميت ڇور، نيوڇور، ڍورونارو ۽ ٻيا ننڍا وڏا شھر بند ٿي ويا ۽ ھزارين ماڻھو سندس اباڻي ڳوٺ کاروڙو سيد پُھچي ويا ماحول سوڳوار ٿي ويو ۽ ھر اک آلي نظر آئي سيد علي مردان شاھ جي لاڏاڻي تي پ پ پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو گھري ڏک جو اظھار ڪندي اڄ سومر جي ھڪ ڏينھن لاء پارٽي سرگرميون معطل ڪندي سڄي سنڌ ۾ سوڳ ملھائڻ جو اعلان ڪيو آھي نثار کھڙو پنھنجي پريس بيان ۾ وڌيڪ چيو آھي ته سيد علي مردان شاھ جو لاڏاڻو پيپلز پارٽي لاء وڏو نقصان آھي اسان سندس ڏکويل ڪٽنب سان برابر جا شريڪ آھيون اڳوڻي صوبائي وزير سيد علي مردان شاھ جي جنازي نماز ۽ تدفين وارين آخري رسمن ۾ پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن ۽ سياسي سماجي شخصيتن سميت عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ مرحوم کي ڳوٺ کاروڙو سيد جي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو سندس مڙھ کي مٽي ماءُ حوالي ڪرڻ واري آخري سفر دوران پيپلز پارٽي جا وڏي تعداد ۾ ڪارڪن، ويجھا عزيز توڙي ۽ ساٿي اوڇنگارون ڏيئي روئيندا رھيا ۽ ڏک جي لھر ڇائنجي ويئي مرحوم سيد علي مردان شاھ پوئرن ۾ ھڪ بيواھ، ھڪ پٽ ۽ ھڪ نياڻي کي سوڳوار ڇڏيو آھي ۽ مرحوم جو تعزيتي تڏو ڳوٺ کاروڙو سيد ۾ وڇايو ويو آھي..