پي ٽي ايم اڳواڻ محسن داوڙ آزاد، گرفتار ڪيل 23 ڄڻا جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

Supporters of Manzoor Pashteen, chief of the Pashtun Protection Movement (PTM), shout slogans during a protest against his detention in Lahore on January 28, 2020. A charismatic Pashtun rights leader who repeatedly accused the powerful military of abuse has been arrested in Pakistan's northwestern city of Peshawar, police said on January 27. / AFP / ARIF ALI

اسلام آباد:- پشتون تحفظ موومنٽ جي سربراهه منظور پشتين جي گرفتاري جي خلاف مظاهرو ڪرڻ تي گرفتار ڪيل 23 ڄڻن کي جوڊيشل ريمانڊ تي اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو جڏهن ته پي ٽي ايم اڳواڻ ۽ قومي  اسيمبلي ميمبر محسن داوڙ کي جيل مان آزاد ڪيو ويو.وفاقي راڄڌاني ۾ جوڊيشل مجسٽريٽ محمد شعيب اختر جي آڏو پي ٽي ايم جي مظاهري مان گرفتار ڪيل 23 ڄڻن کي پيش ڪيو ويو جتي پوليس عدالتي ريمانڊ جي اپيل ڪئي.ٻڌڻي دوران 23 ڄڻن جي وڪيل اسد جمال عدالت کي ٻڌايو ته مظاهرو ڪندڙ ڪنهن رنڊڪ يا ڪنهن به طرح جي مزاحمت ناهي ڪئي. هن الزام هنيو ته دٻاءَ جي تحت پوليس پرامن مظاهرو ڪندڙن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو.وڪيل جو چوڻ هو ته ڪيس بدنيتي تي ٻڌل آهي ڇو ته تعزيرات پاڪستان جي قلم 505 اي (فوج کي بدنام ڪرڻ) 505 بي (عوامي فسادن جي لاءِ بيان بازي) ۽ 124 اي (بغاوت) ان تي لاڳو نٿي ٿئي.گڏوگڏ سندس اِهو به چوڻ هو ته پوليس چيو ته فورسز جي خلاف نعرا هنيا ويا، نعرا هڻندڙ ڪير هئا، پوليس وٽ ان جو ڪهڙو ثبوت آهي؟اسد جمال جو چوڻ هو ته ان ڪيس کي ختم ڪرڻ گهرجي ڇو ته پرامن مظاهرو ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويو.ان کان سواءِ پوليس جو چوڻ هو ته هنن کي اڃان چالان ٺاهڻو آهي ۽ ڪجهه ثبوت جمع ڪرڻا آهن.بعد ۾ عدالت 23 ڄڻن کي اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته سمورن ماڻهن کي 12 فيبروري تي ٻيهر پيش ڪيو وڃي.ان کان اڳ پشتون تحفظ موومينٽ جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر محسن داوڙ تصديق ڪئي آهي ته هن کي جيل مان آزاد ڪيو ويو پر ٻيا مظاهرو ڪندڙ اڃان به حراست ۾ آهن.