پي ٽي ايم اڳواڻن کي افغانستان وڃڻ کان روڪيو ويو

اسلام آباد: وفاقي تحقيقاتي ايجنسي (ايف آءِ اي) پشتون تحفظ موومينٽ (پي ٽي ايم) جي اڳواڻن ۽ پارليامينٽ جي ميمبر محسن داوڙ ۽ علي وزير کي ڪابل ويندڙ جهاز ۾ چڙهڻ کان روڪيو ويو.ايف آءِ اي چيو آهي ته پارليامينٽ ميمبرن کي پرڏيهه ملڪ سفر ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، ڇو ته سندن نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) ۾ شامل آهن.پي ٽي ايم جي ٻنهي اڳواڻن کي اسلام آباد ايئرپورٽ تي ايف آءِ اي اميگريشن ڪائونٽر تي روڪيو ويو.ان موقعي تي محسن داوڙ چيو ته اسان ٻئي ٻن پهرن جو ساڍي ٽين وڳي واري فلائيٽ ۾ ڪابل وڃي رهيا هئاسين.هنن وڌيڪ چيو ته اميگريشن جي عملي 2 وڳي هوائي اڏي تي روڪيو. اميگريشن ڪائونٽر تي ايف آءِ اي جي هڪ عهديدار تازي اڳڀرائي جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته جڏهن اسان کي اي سي ايل ۾ هنن جا نالا مليا ته ايم اين اي محسن داوڙ ۽ علي وزير کي ڪابل ويندڙ جهاز ۾ چڙهڻ کان روڪيو ويو.