پي ٽي آءِ طرفان سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ، بيوٽي پارلر ۽ پيٽرول پمپس 24 ڪلاڪ کولڻ جو مطالبو

ڪراچي:- پي ٽي آءِ طرفان ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ جو ذميوار وڏو وزير مراد علي شاهه قرار ڏنو ويو آهي، سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ، بيوٽي پارلر ۽ پيٽرول پمپس 24 ڪلاڪ کولڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ ايم پي اي خرم شير زمان چيو آهي ته سنڌ سرڪار لاڪ ڊائون وڌايو ته ڀرپور مخالفت ڪئي ويندي، عوام پريشان آهي، پر آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري گُم آهن، حڪمران ڪراچيءَ ۾ پاڻيءَ جا بلز پاڻ وٽ رکن، رڳو شهرين کي پاڻي مهيا ڪيو وڃي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته مراد علي شاهه زيادتيون بند نه ڪيون ته ڪراچي جو عوام کيس ڳچيءَ مان جهليندو ۽ وزيراعليٰ هائوس آڏو احتجاج ڪندو، اسپتالن ۾ علاج ۽ اسڪولن ۾ تعليم ڏيڻ وفاق جي نه پر سنڌ سرڪار جي ذميواري آهي، پ پ جا ليڊرز ۽ وزير ارب پتي بڻجي ويا، عوام کي ڪجهه ناهي مليو، لاڪ ڊائون ڪري عوام کي پريشان ڪيو ويو آهي.