پي ٽي آءِ سرڪار مان جان ڇُڏائڻ لاء پيپلز پارٽي طرفان سنڌ ۾ قومپرستن ۽ پارليامينٽ کان ٻاهر پارٽيز سان رابطن جو فيصلو

ڪراچي : پيپلز پارٽي طرفان حڪومت مخالف تحريڪ کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ سنڌ ۾ قومپرستن ۽ پارليامينٽ کان ٻاهر  پارٽيز سان رابطن جو فيصلو ڪري ورتو.  بلاول ڀٽو زرداري طرفان ٽاسڪ ملڻ بعد پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو قومپرست اڳواڻن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا. ذريعن موجب  نثار کهڙو اڄ ايس ٽي پي سربراهه سان ملاقات ڪري رهيو آهي. نثار کهڙو چيو آهي ته پارٽي چيئرمين جي هدايت تي پارليامينٽ کان ٻاهر پارٽيز جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندس، سموريون سياسي پارٽيز گڏيل ڪردار ادا ڪنديون ته پي ٽي آءِ سرڪار مان جان ڇُٽي ويندي.