پي ٽي آءِ سرڪار سنڌ ۾ اتحادين جي اعتراض تي آءِ جي سنڌ ڪليم امام جي تبديليءَ وارو مامرو ڪابينا جي ايجنڊا مان خارج ڪري ڇڏيو.

 ڪراچي :- پي ٽي آءِ سرڪار سنڌ ۾ اتحادين جي اعتراض تي آءِ جي سنڌ ڪليم امام جي تبديليءَ وارو مامرو ڪابينا جي ايجنڊا مان خارج ڪري ڇڏيو. فردوس اعواڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار کان نوان نالا طلب ڪري چيو آهي ته اهڙو نالو ڏنو وڃي، جنهن تي اتفاق هجي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي مُکيه ايجنڊائن ۾ آءِ جي سنڌ جي تبديليءَ وارو مامرو به شامل هو، پر ڪالهه ٿيل وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ جي تبديلي وارو معاملو ايجنڊا مان خارج ڪيو ويو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ سُڌ سماءَ بابت وزيراعظم جي صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ پريس بريفنگ ڪئي. اُن موقعي تي فردوس ٻڌايو ته آءِ جي سنڌ جي مقرريءَ واري مامري کي ملتوي ڪيو ويو آهي.هُن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا ۾ ميمبرز اِن ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته آءِ جي مقرريءَ لاءِ سنڌ حڪومت طرفان تجويز ڪيل نالن تي سنڌ سان واسطو رکندڙ اتحادين کي اعتراض آهن، تنهن ڪري اُن مامري کي ايجنڊا مان خارج ڪيو وڃي. وزيراعظم جي خصوصي معاون جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار کان آءِ جي سنڌ لاءِ نوان نالا طلب ڪيا ويا آهن ۽ چيو آهي ته نئين آءِ جي لاءِ اهڙو نالو تجويز ڪيو وڃي، جنهن تي سڀني جو اتفاق هجي. آءِ جي مقرريءَ بابت وڏي وزير سان صلاح مشورن لاءِ گورنر عمران اسماعيل کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. هوڏانهن ذريعن موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم عمران خان سان ٽيليفون تي رابطو ڪري آءِ جي سنڌ جي تبديلي واري معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزير اعظم عمران خان لاءِ آءِ جي سنڌ جي مقرري وارو معاملي ڏکيو بڻجي ويو آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت وفاق کي کرو جواب ڏيندي چيو آهي ته ٻيا نالا ناهن، ڏنل نالن مان ئي ڪنهن هڪ کي آءِ جي سنڌ مقرر ڪيو وڃي. 2 ڏينهن اڳ ڪراچي دوري دوران وزيراعظم عمران خان ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۾ ملاقات ٿي هئي جنهن ۾ مشتاق مهر کي آءِ جي سنڌ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي هئي.، جنهن کانپوءِ وفاقي ڪابينا طرفان منظوري جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻو هو پر هاڻ وفاقي ڪابينا آءِ جي سنڌ جي تبديلي وارو معاملو ملتوي ڪري ڇڏي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ معاملو گورنر ۽ وڏي وزير حوالي ڪيو ويو.ذريعن موجب ڪابينا فيصلو ڪيو ته سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ وڏو وزير مراد علي شاهه گڏجي آءِ جي جو معاملو حل ڪن.ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومتي اتحاد ۾ شامل گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) آءِ جي سنڌ جي تبديلي تي اعتراض واريو هو.