پي ٽي آءِ حڪومت کي 2 سال پورا ٿيڻ تي وفاقي ڪابينا جي ميمبرز طرفان ڪارڪردگي رپورٽ ميڊيا آڏو پيش،

اسلام آباد : پي ٽي آءِ حڪومت کي 2 سال پورا ٿيڻ تي وفاقي ڪابينا جي ميمبرز طرفان ڪارڪردگي رپورٽ ميڊيا آڏو پيش، سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته پي ٽي آءِ ملڪ ۾ ساڄي ۽ کاٻي ڌُر جي سياست ختم ڪئي، اسان جي سياست جو مقصد فلاحي رياست جو قيام آهي، ٻئي ذاتي مفادن واري سياست ڪئي پئي وڃي، ٻن سالن جي عرصي ۾ جدوجهد سان ڏکئي وقت کي ڪنٽرول ڪيو، هاڻي سٺو وقت شروع ٿي ويو آهي، هن وقت پاڪستان خلاف ففٿ جنريشن واري هلي رهي آهي ۽ دشمن هر محاذ تي ويڙهه ڪرڻ گهري ٿو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ٻن سالن جي ڪارڪردگي رپورٽ ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان کي سفارتي سطح تي اڪيلو ڪرڻ واري ڀارتي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، ماضيءَ جي حڪومتن جي ڀيٽ ۾ موجوده حڪومت ۽ وزيراعظم عمران خان ڪشميرين جو ڪيس عالمي سطح تي ڀرپور نموني وڙهيو، افريقي ملڪن سان واپاري لاڳاپا وڌائڻ لاءِ وڌيڪ سفارتخانه کولي رهيا آهيون، چين سان اسٽريٽيجڪ لاڳاپن کي معاشي لاڳاپن ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي.