پي ٽي آءِ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ اي پي سي, ننڍين جماعتن پاران پ پ ۽ نواز ليگ کان سخت سوال ڪيا ويا

اسلام آباد :- پي ٽي آءِ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ اي پي سي گهرائڻ بابت اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي جي اجلاس دوران ننڍين جماعتن پاران پ پ ۽ نواز ليگ کان سخت سوال ڪيا ويا. جي يو آءِ اڳواڻ اڪرم دُراني جي رهائشگاهه تي رهبر ڪميٽي جي اجلاس دوران اي پي سي جي تاريخ ۽ ايجنڊا تي صلاح مشورا ڪيا ويا. ذريعن جو چوڻ آهي ته جي يو آءِ ف سوڌو ننڍين جماعتن ڏوراپو ڏنو ته پ پ ۽ نواز ليگ پهرين به ننڍين جماعتن کي پٺيءَ ۾ ڇُرو هنيو آهي، آزادي مارچ کان پارليامينٽ ۾ قانونسازي تائين هر مرحلي ۾ ٻنهي جماعتن حڪومت جو ساٿ ڏنو، ڪير ضمانت ڏيندو ته ٻئي وڏيون جماعتون هن ڀيري به پٺيءَ ۾ ڇرو نه هڻنديون