پي ايس 86 تي ننڍي چونڊ : پ پ کي فوج جي مقرري تي خدشا فوج کي پولنگ اسٽيشن اندر ۽ ٻاهر مقرر ڪرڻ تي خدشا آهن، ادارن کي تڪراري نه بڻايو وڃي: اي سي پي کي خط

ڪراچي : پيپلزپارٽي پي ايس 86 جوهي تي ننڍي چونڊ دوران فوج جي مقرري تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا. پيپلزپارٽي جي سينٽرل اليڪشن سيل جي انچارج سينيٽر تاج حيدر اليڪشن ڪميشن کي خط لکي خدشا ظاهر ڪيا آهن. خط ۾ چيو ويو آهي ته پي ايس 86 تي ننڍي چونڊ دوران فوج کي مقرر ڪري ادارن کي تڪراري نه بڻايو وڃي، خط ۾ چيو ويو آهي ته فوج کي پولنگ اسٽيشن اندر ۽ ٻاهر کي مقرر ڪرڻ تي خدشا آهن. اها به خبر پئي آهي ته فوج کي مئجسٽريٽ جا اختيار ڏنا پيا وڃن. واضح رهي ته جوهي جي صوبائي تڪ پي ايس 86 تي سڀاڻي 7 نومبر تي ننڍي چونڊ ٿي رهي آهي