پيپلز پارٽي ڌرڻي ۾ شريڪ نه ٿيندي: بلاول ڀٽو زرداري

بهاولپور: پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته پهرئين ڏينهن کان اسان جو موقف آهي ته ڌرڻي ۾ شريڪ نه ٿينداسين.بهاولپور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته سليڪٽيڊ حڪومت هر محاذ تي فيل ٿي رهي آهي، عوام چئي رهيو آهي ته ناڪام حڪومت جو وزن اسان ڇو کڻون ۽ فضل الرحمان ناهي چيو ته هو پاڻ وزيراعظم هائوس وڃي انهن کي گهليندو پر مولانا چيو ته ماڻهن جا اهي جذبات آهن.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پهرئين ڏينهن کان اسان جو موقف ڌرڻي ۾ شريڪ نه ٿينداسين جيتوڻيڪ ڪور ڪميٽي چيو ته پيپلز پارٽي به ڌرڻي ۾ حصو وٺندي.تيزگام سانحي تي ڏک جو اظهار ڪندي پ پ چيئرمين چيو ته اهو تمام وڏو حادثو آهي، عمران خان حادثن تي استيعفائن جي ڳالهه ڪندو هو، اميد آهي ته وزيراعطم پنهنجي واعدي کي پورو ڪندو ۽ شيخ رشيد جي دور ۾ ريلوي ۾ سڀ کان حادثا ٿيا، ريلوي واري وزير کي فوري طور تيا استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي جڏهن ته حادثي جي جاچ ٿيڻ گهرجي، اميد آهي حڪومت متاثرن جي مطالبن کي پورو ڪندي.