پيپلز پارٽي طرفان ايم پي اي سردار چانڊيو جي گهرن تي چڙهائي جي مذمت

ڪراچي : پيپلز پارٽي طرفان ايم پي اي سردار چانڊيو جي گهرن تي چڙهائي جي مذمت، پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته ميهڙ واقعي جي ڪيس مان نالو خارج ٿيڻ باوجود سردار شاهه جي گهر تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو، جوابدارن جي گرفتاري جي بهاني سان هڪ ايم پي اي جي گهر جي جهڙتي وٺڻ توهين آهي، سنڌ پوليس جي ترجمان چيو آهي ته قمبر شهدادڪوٽ ۽ دادو جي پوليس شڪي ماڻهن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، ايس ايس پي جي موجودگي ۾ شڪي گهرن جي جهڙتي ورتي وئي پر ڪوبه جوابدار هٿ اچي نه سگهيو