پيپلز پارٽي جي حادثاتي چيئرمين جي سڄي سياست ان نقطي تي بيٺي آهي ته ” ابو کي سهولتون ڏياريو.“ مراد سعيد

اسلام آباد :- مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد جو چوڻ آهي ته بدقسمتي سان حادثاتي پ پ پ چيئرمين کي مولانا فضل الرحمان  کان اُهو ڪجهه به نه ملندو جنهن جي هو اميد ڪيو ويٺو آهي پ پ پ چيئرمين جي بلاول ڀٽو جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل جو اظهار ڪندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير مراد سعيد جو چوڻ هو ته پهرين ڏينهن کان چئي رهيو آهيان ته بلاول ڀٽو ” ابو بچايو“ مهم هلائي رهيو آهي، پيپلز پارٽي جي حادثاتي چيئرمين جي سڄي سياست ان نقطي تي بيٺي آهي ته ” ابو کي سهولتون ڏياريو.“ مراد سعيد جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زردري جي مولانا فضل الرحمان  سان عقيدت جي پٺيان به ابو جي ڇڏرائڻ جو هدف ڪارفار آهي پر بدقسمتي سان حادثاتي چيئرمين کي مولانا مان به اُهو ڪجهه نه ملندو جنهن جي هو اميد لڳائي ويٺو آهي، بلاول ياد رکي ته وزير اعظم عمران خان مستعفيٰ نه ٿيندو ۽ توهان جي ابو کان ڦرلٽ جو مال به ڪڍرائيندو.وفاقي وزير چيو ته ابو جي ڦرمار بچائڻ لاءِ حادثاتي چيئرمين نظريي کي خير آباد چئي چڪو آهي، سنڌ ڪارڊ کيڏڻ جهڙي شرم جوڳي حرڪت سان بلاول جي وڏن کي فائدو رسيو نه انهن جي لاءِ ڪا خوشخبري آهي، سنڌ ۾ ڪرپشن ۽ چور بازاري جي سياست پنهنجا آخري ساهه کڻي رهي آهي ۽ سنڌ هاڻ پاڻ کي چورن جي ان قيبلي کان لاتعلق ڪري رهيو آهي.