پيپلزپارٽي سڄي ملڪ ۾ لاڪ ڊائون جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي :- پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڪ ڊائون کي ڪورونا وائرس تي ضابطي جو واحد حل قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان کي وفاقي حڪومت طرفان مدد گهرجي. پ پ جي ٽوئيٽر پيج تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس کان بچاءَ جي قدمن ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندي، جتي اسان سٺي لاءِ پراميد آهيون، اتي ئي بدترين لاءِ به تيار آهيون، جيڪڏهن بدترين صورتحال پيش آئي ته اسان جو صحت جو نظام ان کي منهن ڏيڻ جي طاقت نٿو رکي، اسان کي ٻين ملڪن جي تجربن کان سکڻ جي ضرورت آهي. هن چيو مسئلو اهو ناهي ته اسان ڇا ڪنداسين، اهو آهي ته اسان ڪڏهن ڪنداسين، پاڪستان کي هر صورت ۾ لاڪ ڊائون ڏانهن وڃڻو پوندو، لاڪ ڊائون ۾ هر ڏينهن ۽ هر ڪلاڪ جي دير وبائي آفت سان مقابلي کي ڏکيو بڻائي رهي آهي، اسان لاڪ ڊائون ڪرڻ ۾ اڳ ئي دير جو شڪار آهيون، لاڪ ڊائون اڳ ۾ ئي ٿيڻ گهرجي ها، اسان کي بنا دير بحران ۾ گهٽتائي لاءِ لاڪ ڊائون جو حتمي فيصلو ڪرڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته ڪو به صوبو اڪيلي سر وائرس جي بحران جو مقابلو نٿو ڪري سگهي، اسان کي لاڪ ڊائون تي عمل لاءِ وفاقي حڪومت طرفان مدد گهرجي، اسان کي ماڻهن جي وڌ کان وڌ ٽيسٽ ڪرڻ ۽ ضرورت مندن جي مدد لاءِ وفاق جو سهڪار گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري هدايت ڪندي چيو ته جيستائين حڪومت لاڪ ڊائون لاءِ تيار نٿي ٿئي، ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ ئي رهن، شهري پاڻ کي ۽ ٻين کي محفوظ رکڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نه نڪرن.