پيٽرول 3 رپيا ، هاءِ اسپيڊ ڊيزل 3 رپيا هڪ پيسو مهانگو

ڪراچي :- پي ٽي آءِ سرڪار ڪورونا وبا سبب بيروزگاري سان گڏ مهانگائي کي منهن ڏيندڙ قوم تي پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو، پيٽرول 3 رپيا مهانگو، هاءِ اسپيڊ ڊيزل 3 رپيا هڪ پيسو، گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جَي في لٽر اگهن ۾ 5-5 رپيا واڌ ڪئي وئي. ناڻي واري وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو،