پيٽرول جي هٿرادو بحران جي جاچ شروع، ٽن ڪمپنين جا سي اي اوز طلب

اسلام آباد:- وفاقي ڪابينا طرفان پيٽرول جي هٿرادو بحران جي جاچ لاءِ جُڙيل ڪميٽي ڪم شروع ڪري ڇڏيو، اڄ ٽن وڏين آئل ڪمپنيز هيسڪو، شيل ۽ گو آئل جي سي اي اوز کي طلب ڪيو ويو آهي، ڪميٽي پئٽرول جي ذخيره اندوزي ۽ بليڪ مارڪيٽنگ تي جاچ ڪري رپورٽ وفاقي سرڪار آڏو پيش ڪندي، ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ بعد ناياب ٿي ويو آهي ۽ عوام کي پيٽرول مهانگي اگهه تي پيو ملي.