پيٽروليم مصنوعات ۾ لاٿ جو اعلان، پيٽرول هڪ رپيو 79 پيسا سستو

اسلام آباد: حڪومت پاران پيٽروليم مصنوعات ۾ لاٿ جو اعلان ڪيو ويو آهي، وزير اعظم پاران ان حوالي سان نون اگهن جي منظوري ڏني وئي آهي. ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول في لٽر هڪ رپيو 79 پيسا سستو ڪيو ويو آهي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل ۾ في لٽر 2 رپيا، 32 پيسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي. گاسليٽ 2 رپيا 6 پيسا في لٽر سستو، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل ۾ 2 رپيا 21 پيسا في لٽر لاٿ جو اعلان ڪيو ويو آهي.