پيٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ في ليٽر 15 رپيا گهٽائڻ جو اعلان،ڪرفيو نه ٿا لڳائي سگهون: وزيراعظم

اسلام آباد:- وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي رهيا آهيون، في الحال ڪرفيو نٿا هڻي سگهون، اسلام آباد ۾ سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پيٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ جي اگهن ۾ 15 رپيا في لٽر گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پيٽروليم جي قيمتن ۾ 15 رپيا في لٽر گهٽايو پيو وڃي، شرح جي سود ۾ مٽاسٽا جو فيصلو اسٽيٽ بئنڪ ڪندي، ڪورونا سبب سڄي ملڪ ۾ لاڪ ڊائون واري سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ٿي سگهي ٿو ته جتي ڪورونا جو خدشو لڳي اُتي سيل ڪنداسين، جيڪڏهن خدا نه ڪري ڪرفيو لڳائڻو پيو ته پهريان پوري تياري ڪرڻي پوندي، ڪرفيو لڳڻ تي انتظاميا سان گڏجي رضاڪارن جي فورس ٺاهڻي پوندي ۽ ان فورس ذريعي غريبن کي کاڌو گهرن تائين پهچائڻو پوندو،عمران خان چيو ته هي ٽي-20 مئچ ناهي، ٿي سگهي ٿو ته صورتحال 6 مهينا هلي، اسان کي افراتفري بدران ڏاهپ وارا فيصلا ڪرڻا پوندا، ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ سبب وڏي ۾ وڏو مسئلو سپلائي جو ٿئي ٿو، ماڻهن کي پڪڙي جيل ۾ واڙيو ويو ته اتي به ڪورونا ڦهلجي سگهجي ٿي، هن چيو ته 18 هين ترميم بعد صوبا پاڻ فيصلا ڪن ٿا، اسان صرف تجويز ڪري سگهون ٿا، چين ۾ پاڪستاني شاگردن جي موجودگي اسان جو فيصلو درست ثابت ٿيو، وزيراعظم ٻڌايو ته لاڪ ڊائون سبب پيدا ٿيندڙ اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ 100 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، 300 يونٽ تائين گيس ۽ بجلي جا بل 3 مهينن تائين قسطن ۾ ورتا ويندا، هر خاندان کي چئن مهينن تائين ماهوار ٽي هزار رپيا ڏنا ويندا، دالن سميت ٻين شين تي ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪري رهيا آهيون، وڏي ڏکيائي سان تفتان ۾ موبائل ليب کڻي وياسين، ايران ۾ ته پاڻ ئي مسئلا هئا، ڇا اسان پاڪستانين کي واپس نه گهرايون ها؟ ايران ڪورونا سان چين وانگر ڊيل نه ڪري سگهيو،وزيراعظم رليف پئڪيج جي حوالي سان ٻڌايو ته پورهيتن لاءِ 200 ارب مختص ڪري رهيا آهيون، يوٽلٽي اسٽورن لاءِ 50 ارب وڌيڪ مختص ڪيا ويا آهن، ڪڻڪ جي سرڪاري خريداري لاءِ 280 ارب، انتهائي غري پورهيتن لاءِ 200 ارب مختص ڪري رهيا آهيون غريب طبقي لاءِ 150 ارب رپيا مختص ڪيا آهن، 100 ارب رپيا ٽيڪس ريفنڊ سان فيڪٽرين جي مزدورن تي خرچ ڪنداسين، هن چيو ته ڪيترو وقت ڏهاڙي وارن کي گهرن ۾ بند ڪندو، ڇا اسان وٽ اها صلاحيت ناهي ته غريبن کي گهر تائين کاڌو پهچايون، هن چيو ته وڌيڪ ماڻهن جي جمع ٿيڻ سان ڪورونا تيزيءَ سان ڦهلجي ٿو، سڀ کان وڌيڪ خطروڪورونا مان نه پر غلط فيصلن سان ٿي سگهي ٿو، اسان نٿا چاهيون ته مارڪيٽ ۾ افراتفري ٿئي، جيڪو به فيصلو ٿئي ذميوار آئون آهيان، هن چيو ته ڪوبه فيصلو مونکان پُڇڻ بغير ناهي ٿيندو.