پير ڳوٺ جي شاهزيب راهوجي کي ڪورونا وائرس جي تصديق نه ٿي، رپورٽ سنڌ جي صحت کاتي حوالي

خيرپور: گمبٽ جي گمس اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ داخل شاگرد شاهزيب راهوجو کي ڪورونا وائرس جي تصديق نه ٿي، رپورٽ سنڌ جي صحت کاتي حوالي، گمس انتظاميه کي آگاهي. نيشنل انسٽيٽيوٽ پاران شاگرد جي جاري ڪيل رپورٽ پنهنجي اخبار هٿ ڪري ورتي. گمس اسپتال جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رحيم ڀٽي به پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي تصديق ڪئي ته شاگرد شاهزيب راهوجو کي ڪورونا وائرس جي خدشي سبب سندس جزا وٺي چڪاس لاءِ اسلام آباد اماڻيا ويا هئا، جنهن جي رپورٽ اسلام آباد کان سنڌ جي صحت کاتي جي اختيارين حوالي ڪئي وئي آهي. هن ٻڌايو ته صحت کاتي طرفان اسان کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته رپورٽ ۾ شاگرد کي ڪورو وائرس نه هئڻ جي تصديق ٿي آهي. واضح رهي ته شاگرد شاهزيب 7 ڏينهن چين کان ڏيهه پهتو هو. جنهن کي ڪورو وائرس جي خدشي سبب گمس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو.