پيرونمل لڳ هاري پيءُ ۽ پٽ هٿان زميندار مبينا ڪارنهن الزام هيٺ قتل

کپرو:- پيرومل ويجهو ٺڪراٺو مان پنهنجي زرعي زمين ڏسڻ آيل زميندار پنهنجي هاري سندس پٽ هٿان ڪارنهن الزام هيٺ  بيدردي سان قتل، 50 ورهين جو زميندار حاجي  اربيلو  منگي ٺڪراٺو کقن پيرومل ويجهو ورتل پنهنجي زرعي زمين ڏسڻ آيو رات جو پنهنجي ئي زمين تي هاري جي گهر ڀرسان ٺهيل اوطاق تي ستو  هو جتي هاري غلام حيدر خاصخيلي ۽ سندس پٽ غلام نبي خاصخيلي ڪوڏر ۽ لٺ جا وار ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو پوليس پيء پٽ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو،حراست ۾ ورتل جوابدارن ڏوه جو اعتراف ڪيو آهي مقتول جا   وارث اڄ ڪيس داخل ڪرائيندا ايس ايڇ او پيرومل ،تفصيل موجب پيرومل ٿاڻي جي حد ۾ پنهنجي زرعي تي ٺهيل هاري جي گهر اڳيان اوطاق ۾ ٺڪراٺو واسي 50 ورهين جو زميندار حاجي اربيلو ولد بادل منگي کي ذريعن موجب سندس هاري غلام حيدر ولد ڪنڊو ۽ هاري جي پٽ غلام نبي ولد غلام حيدر  مبينا ڪارنهن الزام ڪوڏر ۽ لٺ جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو پيرومل پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو مڙه پوسٽ مارٽم لا سانگهڙ اسپتال کڻائي وئي آه مقتول جي وارثن کي اهڙو اطلاع ڪيو ويو  جن پهچي مڙه وصول ڪيو ۽ قانوني ڪاروائي بعد مقتول اباڻي ڳوٺ کڻائي ويا مليل ڄاڻ موجب مقتول زميندار ڏيڊ سال اڳ پيرومل ويجهو 12 ايڪڙ زرعي زمين خريد ڪئي هئي،ان بعد هتي گهر ٺهرائي رهائش اختيار ڪئي ان بعد ڪجه ڏينهن بعد هو واپس ڳوٺ رهي رهيو ٺاهيل گهر ۾ هاري رهيو جتي هڪ واقعي کان واري ڏينهن جو  ٺڪراٺو کان آيو هو هاري کي ڏنل گهر اڳيان ڪکائين ٺهيل اوطاق ۾ ستل هو جتي  هاري پٽ سميت ڪارنهن جي الزام هيٺ ڪوڏر ۽ لٺ  جاوار ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو ايس ايڇ او پيرومل امير بخش شاهاڻي موجب اسان واقعي ملوث ٻئي ڄڻا حراست ۾ ورتا آهن جنهن ۾ هاري غلام حيدر اعتراف ڪيو آهي هن زال کي زميندار سان ڏسي  غيرت ۾ اچي ڌڪ هڻڻ شروع ڪيا ان بعد منهنجو پٽ به اچي ويو اسان گڏجي زميندار کي قتل ڪيو آهي ايس ايڇ او موجب مقتول جا وارث مڙه دفنائڻ ڳوٺ کڻي ويا آهن اڄ اچي واقعي جو ڪيس داخل ڪرائيندا