پيروسڻ ۾ ذهني معذور نينگري سان مبينا طور 6 مهينن تائين اجتماعي لڄالٽ، 3 جوابدارن تي ڪيس داخل

پيروسڻ :- پيروسڻ ۾ ذهني معذور نينگري سان مبينا طور 6 مهينن تائين اجتماعي لڄالٽ جو ڪيس داخل: پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ڳوٺ چنيسر جروار جي رهواسي ڪٽنب ايس ايس پي خيرپور وٽ پهچي احتجاج ڪيو ۽ دانهيو ته سندن 15 ورهين جي گونگي ۽ ذهني معذور نياڻي کي ٽن جوابدارن 6 مهينن تائين اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو. اهڙي دانهن بعد ايس ايس پي جي حڪم تي پيروسڻ پوليس متاثر نينگريءَ جي امڙ نصيبان جروار جي فرياد تي ٽن جوابدارن امتياز علي، احسان علي ۽ فيصل جروار مٿان لڄالٽ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، ان کانپوءِ پوليس مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھڻي ٻن جوابدار اميتاز علي ۽ احسان علي جروار کي گرفتار ڪري ورتو ۽ سندن گھر ۾ پيل قيمتي سامان سميت ڍور کڻي آئي. ٻئي طرف الزام ھيٺ آيل جوابدارن جي وارثن الزام رد ڪري ڇڏيا ۽ مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي صاف شفاف انڪوائري ڪئي وڃي.