پيرا ميڊيڪل سميت سمورن سرڪاري کاتن جي ملازمن جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن: اياز پليجو

حيدرآباد :- قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو پليجي چيو آھي ته آبپاشي ملازم ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جا مسئلا حل ڪيا وڃن، حڪومت جو نه صوبي جي انتظامي معاملن تي ڪو ڌيان آھي ۽ نه ئي عوام جو فڪر آھي، جنھنڪري اڪثر سرڪاري کاتن جا ملازم پنھنجن بنيادي حقن ۽ پگھارنه ملڻ خلاف سراپا احتجاج آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته آبپاشي ملازم سن ڪوٽا، ٽائيم اسڪيل، ڪچا ملازم پڪو نه ڪرڻ ۽ ٻين مسئلن خلاف ڀٽ شاھ کان ڪراچي لاءِ روڊن تي مارچ ڪري رھيا آھن، سرڪاري اسپتالن ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پنھنجن مطلبن لاءِ روزانو ھڙتال تي آھي، جنھنڪري مريض تڪليف ۾ آھن، حڪومت کي فوري انھن سان ڳالھيون ڪرڻ گھرجن، آبپاشي، پيرا ميڊيڪل سميت سمورن سرڪاري کاتن جي ملازمن جا ٽائيم اسڪيل، پڪو نه ڪرڻ سميت سمورا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن، ملازمن کي سندن قانوني حق ڏنو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته کاتن جي ڪارڪردگي خراب ھجڻ ڪري عوام تڪليف ۾ آھي، وزير ۽ ڪامورا اربين روپين جي بجيٽ ڪاغذن ۾ ڏيکاري ھڙپ ڪري وڃن ٿا، اھو عوام جو استحصال آھي، ان کي بند ڪيو وڃي.