پوڻا 13 ڪروڙ جي ڪرپشن: تعليم کاتي ميرپورخاص جي آفيسرن کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

حيدرآباد/مٺي:- حيدرآباد جِي احتساب عدالت ڪرپشن ڪيس ۾ تعليم کاتي ميرپورخاص جَي آفيسرن کي قيد ۽ ڏنڊ جِي سزا ٻڌائي ڇڏِي. ميرپورخاص جَي ڊائريڪٽر اسڪولز جليل لاشاري، ڊي اِي او ڪيول رام ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالعظيم خان کي 5 سال قيد ۽ في جوابدار کي 3 ڪروڙ 18 لک رپيا ڏنڊ جِي سزا ٻڌائي وئي. ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ڪملا ديوِي کي 3 سال قيد ۽ 3 ڪروڙ رپيا ڏنڊ جِي سزا ڏني وئي. نيب پراسڪيوٽر موجب جوابدارن 2012 ع دوران جعلي ڀرتيون ڪري 12 ڪروڙ 74 لک کان وڌيڪ جِي ڪرپشن ڪئي