پوليس کاتي اندر موجود ڪارين رڍن جي مخبري سبب شڪارپور ۾ ڌاڙيلن جي خلاف پوليس آپريشن ناڪام ٿيڻ جو انڪشاف

شڪارپور :-  پوليس کاتي اندر موجود ڪارين رڍن جي مخبري سبب شڪارپور ۾ ڌاڙيلن جي خلاف پوليس آپريشن ناڪام ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

شڪارپور جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن جي خلاف پوليس آپريشن جي ناڪامي بابت جاچ رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته پوليس اهلڪار ئي ڌاڙيلن جي خلاف مخبري ڪري رهيا آهن. شڪارپور ۾ آپريشن دوران ڊي ايس پي، ايس ايڇ او ۽ اي ايس آءِ سميت 6 اهلڪار شهيد ٿيا هئا.

ايس ايس پي شڪارپور جي جاچ رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته 50 پوليس اهلڪار ڌاڙيلن کي ڳجهي ڄاڻ فراهم ڪري رهيا هئا. ايڊيشنل آءِ جي ڊاڪٽر جميل ٻڌايو آهي ته ڏوهاري ماڻهن کي ڳجهي ڄاڻ فراهم ڪندڙ 50 پوليس اهلڪارن کي ضلع بدر ڪيو ويو آهي.

ڊاڪٽر جميل ٻڌايو ته ضلعي بدر ٿيندڙن ۾ 9 سب انسپيڪٽر، 6 اي ايس آءِ، 6 هيڊ ڪانسٽيبل ۽ 24 ڪانسٽيبل شامل آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ضلع بدر ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي شڪارپور ۾ مقرري لاءِ 3 سالن جي لاءِ پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

ايڊيشنل آءِ جي جو چوڻ آهي ته ضلع بدر ٿيل پوليس اهلڪار ڏوهارين کي ڳجهي ڄاڻ فراهم ڪندا هئا ۽ منشيات  وڪرو ڪندڙن کان ڀتو به وٺندا هئا. ڊاڪٽر جميل جو چوڻ آهي ته اهلڪار ايراني پيٽرول جي اسمگلنگ ۽ نان ڪسٽم پيڊ گاڏين جي اسمگلنگ ۾ به ملوث رهيا آهن.