پوليس جي ڀڄائڻ تي نينگر غلام مصطفي ڀٽو ڪري فوت ٿيڻ تي سندس چاچي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

لاڙڪاڻو :- عرضي ڀٽو پاڙي ۾ 5 ڏينهن اڳ پوليس جي ڀڄائڻ تي نينگر غلام مصطفي ڀٽو جي ڪري فوت ٿيڻ جو سندس چاچي علي ڏنو ڀٽو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. درخواست ۾ ايس ايس پي مسعود بنگش، سپاهي ڪامران گاد، نادر ڀٽو ۽ 2 اڻسڃاتل اھلڪارن کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف ڄاڻايو ويو آهي ته اھلڪارن جي چڙهائي سبب نينگر غلام مصطفي فوت ۽ ٻيو نينگر نادر ڀٽو زخمي ٿيو هو. درخواستگذار جو چوڻ هو ته پوليس واقعي کي اتفاق قرار ڏنو ۽ هو نينگر جي موت کي قتل سمجهن ٿا. درخواستگذار جو چوڻ هو ته واقعي جو قلم 302، 220 ۽ 217 تحت ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. عدالت درخواست جي ٻڌڻي 11 مئي تي مقرر ڪندي ڌر بڻايلن کي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.