پوليس جي ساک بهتر بڻائڻ ۽ ايمانداري سان ماڻهن کي انصاف جي فراهميءَ يقيني بڻائڻ جي هدايت

ڪراچي : آءِ جي سنڌ ڪليم امام چيو آهي ته ماڻهو بنا ڪنهن خوف جي ٿاڻن تي اچي رهيا آهن، آئين ۽ قانون جي عملداري سنڌ پوليس جو بُنيادي فرض آهي ۽ جيڪي به چئلينجز آهن، اُنهن کي ترجيحي بُنيادن تي حل ڪيو ويندو. آءِ جي سنڌ ڪليم امام جي سربراهيءَ ۾ صوبي جي امن امان ۽ ڪرائيم اينڊ ڪنٽرول جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايڊيشنل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز شرڪت ڪئي. ترجمان موجب اجلاس دوران آءِ جي سنڌ عوام جي اعتماد کي هٿي ڏيڻ، پوليس جي ساک بهتر بڻائڻ ۽ ايمانداري سان ماڻهن کي انصاف جي فراهميءَ يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.
آءِ جي سنڌ ڪليم امام امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ تي پوليس آفيسرز کي شاباس ڏيندي چيو آهي ته اثرائتي ۽ غير جانبدار پوليسنگ سان انٽرنيشنل ڪرائيم انڊيڪس تي ڪراچي 6 مان 88هين نمبر تي اچي ويو آهي. فري ايف آءِ آر واري پاليسي سان ايف آءِ آرز داخل ٿيڻ واري عمل ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ ماڻهو بنا ڪنهن خوف جي ٿاڻن سان رابطو ڪري رهيا آهن.
آءِ جي سنڌ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان جي آئين ۽ قانون تي عملداري پوليس جي فرض جي بُنيادي گهرج آهي، ڪراچي جي حالتن کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين ۽ جيڪي به اشوز يا چئلينجز آهن، اُنهن تي ترجيحي بنيادن تي حمل ڪنداسين.