پهريون ڀيرو آئين جا بخيا اڊيڙيندڙ کي سزا ملي: رضا رباني

سکر:- پ پ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ قانوندان رضا رباني چيو آهي ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊڪٽيٽر کي آئين کي پائمال ڪرڻ تي سزا ڏني آهي ان جا اثر پري تائين ويندا سکر ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي رضا رباني چيو ته اڳوڻي جنرل پرويز مشرف خلاف عدالتي تفصيلي فيصلي کي ڏسڻو پوندو سندس چوڻ هو ته جنرل پرويز مشرف خلاف آيل فيصلي سان سياسي ۽ قانوني طور تي پري تائين نتيجا ملندا ڇو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊڪٽيٽر کي آئين ۽ قانون کي پائمال ڪرڻ تي سزا ملي آهي. رضا رباني جو چوڻ هو ته لاهور واقعي تي پهريون ئي ڳالهائي چڪو آهيان لاهور واقعو انتظامي غفلت جو نتيجو آهي واقعي جي هر سطح تي مذمت ڪيان پيو هن چيو ته وڪيل جڏهن ڪچهري کان نڪري رهيا هئا ان وقت انتظاميه آرام سان ويهي هئي انتظاميه کي گهرجي ها ته وڪيلن کي ٽي ڪلو ميٽر جي فاصلي تائين وڪيلن کي روڪي ها. هڪ سوال تي رضا رباني چوڻ جو چوڻ هو ته فريال ٽالپر جي ضمانت منظور ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي.