پهرين اسيمبلي آهي جيڪا ڊيزل کانسواءِ هلي رهي آهي، فضل الرحمان جي ماڻهن کي به قرض ڏينداسين: وزيراعظم

اسلام آباد :-  وزير اعظم عمران خان نوجوانن جي فلاح ۽ بهبود جي لاءِ ” ڪامياب نوجوان پروگرام“ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ رٿيل تقريب ۾ وزير اعظم عمران خان کان سواءِ ساڻس گڏ وفاقي وزير، وزير اعظم جو نوجوانن جي معاملن بابت خاص مددگار عثمان ڊار، پاڪستان تحريڪ انصاف جو ميمبر اسد عمر، خاص مددگار نعيم الحق، فردوس عاشق اعواڻ ۽ ٻيا اهم اڳواڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو ته اسان مولانا فضل الرحمان جي ماڻهن کي به قرض ڏينداسين جيڪڏهن هو ميرٽ تي اچن ته، مون کي خبر آهي ته هي پهرين اسيمبلي آهي جيڪا بنا ڊيزل پئي هلي. هن چيو ته هن پروگرام ۾ سڀ کان اهم شئي ميرٽ آهي ۽ انهيءَ تي هن جو بنياد رکيو ويو آهي ڇو ته دنيا ۾ اُهي قومون اڳتي وڌنديون آهن، جن ۾ ميرٽ جو سسٽم بهتر هوندو آهي. عمران خان چيو ته مسلمان هزار سالن تائين دنيا جا سپر پاور هئا پر هو جمهوري ڪلچر کان بادشاهت ڏانهن هليا ويا ۽ بادشاهت ۾ ميرٽ ناهي هوندي، اسان چاهيون ٿا ته ميرٽ سڀ کان پهرين هجي. سندس چوڻ هو ته مسلمان جمهوري ڪلچر کان بادشاهت ڏانهن هليا ويا هئا، ميرٽ ئي جمهوري نظام جو خاصو آهي.سندس چوڻ هو ته ملڪي حالتون خراب ٿيڻ جو سڀ کان وڏو سبب سفارش ۽ ڪرپشن آهي، ملڪ تڏهن ترقي ڪندو جڏهن سفارش ۽ ڪرپشن نه ٿيندي. وزير اعظم جو چوڻ هو ته اُهو انسان مٿي ويندو آهي جنهن جي سوچ وڏي هوندي آهي، ماضي ۾ ميرٽ کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪري مسئلن جنم ورتو، اسان ملڪ ۾ ميرٽ جو نظام آڻي رهيا آهيون ۽ ڪرپشن تي ضابطو آڻي رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته ترقي جي لاءِ اسان کي مثبت سوچ سان گڏ هدف رکڻا پوندا، تحريڪ انصاف جي حڪومت ميرٽ ۽ شفافيت تي يقين رکي ٿي. هن چيو ته دنيا انسانن جي مدد ڪندڙن کي هميشه ياد رکندي آهي. عمران خان جو چوڻ هو ته هڪ بٽڻ دٻائڻ سان تبديلي ناهي ايندي، حڪومت ۽ قوم جي ڪوشش سان نئون پاڪستان بڻجندو. سندس چوڻ هو ته حقيقي تبديلي جي لاءِ پهرين سوچ ۾ تبديلي آڻڻ ضروري آهي، عظيم قوم بڻجڻ جي لاءِ اسان کي پاڻ به تبديل ٿيڻو پوندو. هن چيو ته خوددار قوم پنهنجي پيرن تي بيهندي آهي، پنڻ سان قوم ناهي بڻجعندي پر هتي جڏهن اسان واپارين وٽ ويندا آهيون ته چوندا آهن اسان کي ٽيڪس ناهي ڏيڻو،  اسان کي خوددار قوم بڻجڻ جي لاءِ ٽيڪس ڏيڻو پوندو. هن ٻڌايو ته سگريٽ بڻائيندڙ ملڪ  جون 2 ڪمپنيون 98 سيڪڙو جڏهن ته ٻيون ڪمپنيون رڳو 2 سيڪڙو ٽيڪس ڏينديون آهن. هن اعلان ڪيو ته ڪامياب نوجوان پروگرام جي تحت 10 لک نوجوانن کي ميرٽ تي قرض ڏينداسين ۽ 100 ارب رپين جي قرضن مان 25 ارب عورتن جي لاءِ هوندا ۽ هڪ لک جي قرض تي ڪو به وياج نه هوندو.هن چيو ته هي قرض ميرٽ تي ڏنا ويندا ۽ ڪا به سفارش نه هلندي، ان سڄي پروگرام جي آئون پاڻ نگراني ڪندس. سندس چوڻ هو ته حڪومت سياسي امتياز کان مٿانهون ٿي قرض ڏيندو ۽ جيڪڏهن ميرٽ تي فيصلا ٿيا ته فضل الرحمان جي ماڻهن کي به قرض ملندا.وزير اعظم جو چوڻ هو ته نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ 10 ارب خرچ ڪنداسين ۽ اسان فيصلو ڪيو آهي ته مدرسي جي ٻارن کي به پنهنجو سمجهنداسين جيڪي ان کان پهرين ڪڏهن به نه هوندا هئا.سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ تعليم جو هڪ ئي سسٽم متعارف ڪرائينداسين. هن چيو ته نئين پاڪستان ۾ غير مسلم برابر جا شهري هوندا، اقليتن کي برابر جا حق ڏنا ويندا. تقريب دوران وزير اعظم عمران خان انٽرن شپ پروگرام شروع ڪرڻ جو به اعلان ڪيو.هن چيو ته ڏکيو وقت سبق سيکاريندو آهي ۽ جيڪو سبق توهان کي خراب وقت سيکاريندو آهي اُهو توهان جي ڪاميابي توهان کي نٿي کائي سگهي.واضح رهي ته وزير اعظم جي ڪامياب جوان پروگرام جي تحت نوجوانن کي واپار لاءِ قرض فراهم ڪيو ويندو. ان پروگرام جي ذريعي پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي قرض مهيا ڪيو ويندو جڏهن ته ان پروگرام جو مقصد عورت انٽر پرينيوز جي لاءِ 25 سيڪڙو قرض فراهم ڪرڻ آهي.ڪامياب جوان پروگرام جي تحت 10 هزار کان وٺي 50 لک رپين تائين جو قرض فراهم ڪيو ويندو، ان پروگرام جو مقصد بي روزگاري ۽ غربت جهڙن چيلنجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.ان پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي خاص مددگار عثمان ڊار جو چوڻ هو ته اسان جي پارٽي ملڪ جي نوجوانن کي جي ڪو بااختيار بڻائڻ جو واعدو ڪيو هو، ڪامياب جوان پروگرام ان ڏانهن پهريون قدم آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ نوجوانن جي لاءِ اربين رپين جو پروگرام شروع ڪرڻ تي آئون عمران خان جا ٿورا ٿو مڃيا، ماضي جي حڪومتن نوجوانن کي نظر انداز ڪيو.ان کان اڳ وزير اعظم جي نوجوانن جي معاملن بابت خاص مددگار چيو هو ته پروگرام جو مقصد نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا يقيني بڻائڻ ۽ انهن کي بهتر پليٽ فارم ڏيڻ آهي.عثمان ڊار چيو هو ته اِهو پروگرام مڪمل طور تي گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام جي حمايت سان آهي ۽ ان ۾ عوام جي ٽيڪس مان ڪا به رقم شامل ناهي ڪئي وئي.