پني عاقل ۾ چئن پٽن سوڌو فوت ٿي ويل ڳوٺاڻي جي گهرواري به الله کي پياري ٿي وئي: زنڪ فاسفائيڊ زهر وگهي موت جي تصديق

پنوعاقل :  پنوعاقل ويجهو زهريلي کاڌي سبب چئن پٽن سوڌو فوت ٿي ويل ڳوٺاڻي جي زال به دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، فوتين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو. زهر سبب موت جي تصديق ٿي وئي. ڳوٺ ستابو انڍڙ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ مبينا طور زهريلو کاڌو کائڻ سبب چار پٽن سميت فوت ٿيل اعجاز انڍڙ جي گهرواري شهناز به سکر جي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو. ڳوٺ ستابو انڍڙ ۾ اعجاز احمد انڍڙ جا 4 پٽ يارهين ڪلاس جو شاگرد مجيب، ڏهين ڪلاس جو شاگرد معين، چوٿين ڪلاس جو شاگرد شمس الدين ۽ ستين ڪلاس جو شاگرد شيراز کي بيهوشي واري حالت ۾ پنو عاقل اسپتال آندو ويو جتي وقفي وقفي سان هڪٻي پويان چار ٻار ۽ سندس والد فوت ٿي ويو، جڏهن ته عورت به سکر جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. ايم ايس تعلقي اسپتال پنوعاقل اسماعيل عباسي ٻڌايو ته فوت ٿي ويلن جا جزا وٺي روهڙي ۽ گمبٽ جي ليبارٽرين ڏانهن اماڻيا هئا جنهن جي رپورٽ اچي وئي آهي. رپورٽ ۾ موت جو ڪارڻ زهر ڄاڻايو ويو آهي