پني عاقل ڀرسان جوابدار پنهنجي گهر جي 6 عورتن سوڌو 11 ڀاتين کي ڇرين جا وار ڪري ڪُهي ڇڏيو

پنوعاقل/سکر :- پني عاقل ڀرسان جوابدار پنهنجي گهر جي 6 عورتن سوڌو 11 ڀاتين کي ڇرين جا وار ڪري ڪُهي ڇڏيو، جوابدار کي ٽن پٽن سوڌو گرفتار ڪيو ويو، ڪينٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ھاليجوي ڀرسان جوابدارپنھنجي گھر جي 11 ڀاتين کي ڇرين جا وار ڪري ڪُهي ڇڏيو، مقتول ۾ جوابدار جي زال، 3 پٽ، 2 پوٽا، هڪ ننهن ۽ 4 ڌيئرون شامل آهن، ايس ايس پي سکر جو چوڻ آهي ته اسد انڍڙ جي ڀاءُ ميان وھاب الله انڍڙ ذھني مريض جوابدار 6 عورتن ۽ 5 ٻارن مٿان ڇرين جا وار ڪري سڀني کي قتل ڪري ڇڏيو، ڪينٽ پوليس جو چوڻ آهي ته اهو جوابدار گدو اسپتال ۾ رهي چڪو آهي، جوابدار کي ٽن پٽن سوڌو گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪجهه سال اڳ جوابدار پنهنجي ڀاءُ کي به قتل ڪيو هو، جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي، قتل ٿيلن ۾ مارجي ويلن ۾ مسمات حاجياڻي، زڪعيت، نازيه، اقراء، صوبيه، علي شير ۽ ٻيا شامل آهن، پوليس موجب عادلپور مان جوابدار وهاب الله، سندس 3 پُٽ حبيب الله، دُر محمد ۽ حزب الله کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار وهاب الله رات جو پنهنجي خاندان کي ماريو، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا.