پنوعاقل ۾ 11گهرڀاتين جي قتل معاملو، 5 جوابدارن کي اي ٽي سي سکر ۾ پيش

پنوعاقل : پنوعاقل ۾ 11گهرڀاتين جي قتل معاملو، گرفتار 5 جوابدارن کي اي ٽي سي سکر ۾ پيش ڪيو ويو، ڪيس جي مک جوابدار وهاب الله انڍڙ ۽ سندس چئن پٽن کي عدالت 14ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي، اي ٽي سي سکر ۾ 11 گهرڀاتين کي قتل ڪندڙ جوابدار وهاب الله انڍڙ ۽ سندس پٽن کي پيش ڪيو ويو، پوليس جي وڏي نفري موجود هئي، ياد رهي ته پني عاقل ۾ جنوني جوابدار وهاب الله انڍڙ زمين جي معاملي تان پنهنجي چار پٽن سان گڏ جي پنهنجي گهرواري سوڌو 11 گهرڀاتين کي قتل ڪيو هو، جوابدار قتلن جو اعتراف پڻ ڪري چڪا آهن.