پنوعاقل ۾ افسوسناڪ واقعو: مهانڊا نه ملڻ تان وحشي صفت جوابدار پنهنجي پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو

پنوعاقل :- پنوعاقل ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، مهانڊا نه ملڻ تان وحشي صفت جوابدار پنهنجي پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو. جوابدار گرفتار. ڳوٺ وريام جتوئي ۾ جوابدار سلطان عرف بابو جتوئي پنهنجي 5 سالن جي پٽ مدثر عرف مٺو کي مبينا طور شئي ۾ زهر ڏئي ماري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو هو. مقتول نينگر جي چاچي تاج محمد تصديق ڪندي چيو ته نينگر جا مهانڊا پيءُ ۽ ماءُ جهڙا نه هجڻ ڪري پيءُ کيس زهر ڏئي قتل ڪيو. هن ٻڌايو ته سلطان اڳ ۾ به 2 ڀيرا معصوم پٽ کي مٿي کڻي زور سان زمين تي اڇليو هو، پر ان وقت نينگر بچي ويو هو، اڄ ظالم پٽ کي شئي ۾ زهر ملائي کارايو، جنهن سبب معصوم مدثر حياتي وڃائي ويٺو. هن مطالبو ڪيو ته جوابدار کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ ورتو ۽ پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. ايس ايس پي واقعو جو نوٽيس ورتو ۽ پوليس کي فوري طور جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي جي نوٽيس وٺڻ بعد جوابدار سلطان عرف بابو جتوئي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.